سون ورني ڌرتي

سون ورني ڌرتي

سون ورني ڌرتي

سون ورني ڌرتي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب آمريڪي خاتون پرل ايس. بَڪ جي ناول ‘The Good Earth’ جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو عمر ميمڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. هن ناول ۾ هڪ چيني هاريءَ جي زندگيءَ کي تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي، جنهن جي زندگي گهڻي ڀاڱي سنڌي هاريءَ جي زندگيءَ سان ملي ٿي. ان کانسواءِ هن ناول ۾، چين جي خوفناڪ ڏُڪار جو به ذڪر ٿيل آهي ۽ ڊاڪٽر سن بات سين واري انقلاب جي جهلڪ پڻ آهي.
هن ناول جي ترجمي ’سون ورني ڌرتي‘ جو مهاڳ خود مترجم عمر ميمڻ جو تحرير ڪيل آهي. هيءُ ناول، عظمت ادبي اڪيڊميءَ طرفان نومبر 1985ع ۾ شايع ڪرايو ويو. ڪرائون سائيز جو هيءُ ڪتاب 269 صفحن تي مشتمل آهي. هاريءَ جي خيالي پورٽريٽ سان سينگاريل، ڪچي جلد جي هن ڪتاب جي قيمت 40 روپيا آهي.


لفظ سون ورني ڌرتيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو